ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته فوجي عدالتن جي مدي م واڌ تي سياسي پارٽيون متفق آهن

ishaq and farooq

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته فوجي عدالتن جي مدي م واڌ تي سياسي پارٽيون متفق آهن، اميد ته پيپلزپارٽي 4 مارچ تائين معاملي تي اتفاق ڪندي، 3 مارچ تي سينيٽ جو اجلاس گهرايو پيو وڃي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته وزير اعظم جي خاطري بعد هنن فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حمايت ڪئي آهي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي آڏو فوجي عدالتن جي مدي م واڌ وارو معاملو رکيو ويندو.

اسحاق ڊار چيو ته اميد ته پيپلزپارٽي 4 مارچ تائين معاملي تي اتفاق ڪندي، پ پ کانسواءِ سموريون پارٽيون فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت متفق ٿي ويون آهن.

اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردي جو اسلام سان ڪوبه تعلق ناهي، حڪومت دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي.

پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو ته  فوجي عدالتن تي خدشن بابت وزير اعظم کي آگاهه ڪيو ويندو.

 فاروق ستار چيو ته ٻن سالن ۾ دهشتگردي ۾ڪيتري گهٽتائي آئي؟ حڪومت عدالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو.

هن چيو ته وزير اعظم جي خاطري تي فوجي عدالتن جي مدي م واڌ تي حمايت ڪئي وئي آهي.

فاروق ستار وڌيڪ چيو ته اميد ته وزير اعظم نواز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جا سمورا خدشا ختم ڪندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*