سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان اسٽيل مل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪيل فنڊز جي غلط استعمال ۽ رٽائر ٿيندڙ ملازمن کي رهتون ادا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي

sindh-high-court

سنڌ هاءِ  ڪورٽ ۾ پاڪستان اسٽيل مل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي  ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪيل فنڊز جي غلط استعمال ۽ رٽائر ٿيندڙ ملازمن کي رهتون ادا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، فنانس آفيسر کي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسٽيل مل جي ملازمن پاران عدالت ۾ داخل ڪرايل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته گريجوئيٽي فنڊز، اسٽيل ملز جي ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي، جيڪا ملازمن جي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ڏني ويندي آهي.

هنن چيو ته اسٽيل مل جي مالي بحران سبب اها رقم ٻين هنڌن تي ڪئي ويندي آهي. هنن چيو ته هن وقت تائين سوين ملازم رٽائرڊ ٿي چڪا آهن جن کي رهتون ادا نه پيو ڪيون وڃن.

عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي اسٽيل مل جي فنانس آفيسر کي 3 هفتن اندر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت اسٽيل ملز جي فنانس آفيسر کي ٻن هفتن ۾ رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*