قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي نويد قمر ملڪ کان ٻاهر هئڻ ڪري فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي آهي

khursheed shah isb

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي نويد قمر ملڪ کان ٻاهر هئڻ ڪري فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي آهي، پنجاب ۾ حڪومت جي سرپرستي ۾ پختونن خلاف مهم هلي رهي آهي، جنهن جي هو مذمت ڪري ٿو.

پارليمامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد احمد شاهه چيو ته نويد قمر ملڪ کان ٻاهر هئڻ ڪري پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي آهي، هو ئي پارلياماني ليڊر آهي.

هن چيو ته حڪومت فوجي عدالتن بابت پنهنجو بل پيش ڪيو ته پيپلزپارٽي به پنهنجو بل پيش ڪندي.

خورشيدشاهه چيو ته حڪومت جي سرپرستي ۾پنجاب ۾ پختونن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، پوليس پاران پختونن خلاف پمفليٽس جاري ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته پمفليٽس ۾ پختونن کان هوشيار ٿيڻ جو لکيل آهي، ڪنهن هڪ قوم کي نشانو بڻائڻ غلط آهي، پختون به محب وطن آهن.

 خورشيد شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهن جي ڪري سڀني کي ڏوهاري قرار ڏيڻ غلط آهي، ملڪ ۾ آئين جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*