اڄ کان پي ايس ايل لاءِ ٽڪيٽن جو آن لائين وڪرو شروع ٿي ويندو, پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان

PCB-7217

 پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته اڄ کان پي ايس ايل لاءِ ٽڪيٽن جو آن لائين وڪرو شروع ٿي ويندو، اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ ضروري هوندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار خان چيو ته ٽڪيٽن جي وڪري لاءِ پي سي بي وٽ هڪ هفتي جو وقت آهي، پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ٿيڻ عوام لاءِ هڪ تحفو آهي.

هن چيو ته نجم سيٺي ۽ پي ايس ايل سيڪرٽريٽ جي محنتن رنگ لاتو آهي، اسٽيڊيم ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويندا.

شهريار خان وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ لاءِ وفاقي سرڪار جي پي سي بي کي مڪمل حمايت حاصل آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*