راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان روس جي سفير ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن

COAS-at-GHQ.-Enhanced-Pak-Russia-Bajwa-28217

راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان روس جي سفير ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان روس جي سفير ملاقات ڪري ٻه طرفن لاڳاپن ۽ دهشتگردي معاملي تي ڳالهيون ڪيون آهن.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف قمر جاويد باجوه چيو ته روس سان عسڪري تعلق رکڻ سان خطي ۾ سٺو اثر پيدا ٿيندو.

آءِ ايس پي آر  چيو ته روسي سفير پاڪستان ۾ دهشتگردن جي حملن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر چيو ته روسي سفير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي ساراهه ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب روسي سفير چيو ته آپريشن ردالفساد سان دهشتگردي جي خاتمي ۾ مدد ملندي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*