عمران خان هڪ غير سياسي شخص آهي اسفند يار ولي

اين اين جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته دهشتگردن کي ڇٿڻ لا3 جوڙيل قومي ايڪشن پلان تي عمل لا3 ڪجهه جماعتون ڏوکيائيون پيش ڪري رهيو آهن، عمران خان هڪ غير سياسي شخص آهي، کينس سياست جي ڪابه ڄاڻ نه آهي.

چارسده ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اسفند يار والي چيو ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن ملڪ جي سمورن تڪن لاءِ قائم ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ سمورا نتيجا پڌرا ٿي ويندا.

هن چيو ته دهشتگري جي خاتمي لاءِ جوڙيل قومي ايڪشن پلان تي عمل لاءِ ڪجهه جماعتون رنڊڪون پيش ڪري رهيون آهن.

اسفند يار ولي چيو ته عمران خان هڪ غير سياسي شخص آهي، کينس سياست جي ڪابه خبر آهي، پشاور سانحي جي شهيدن جو اڃا چالهيو ئي نه ٿيو هو، عمران خان شادي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*