لاڙڪاڻو ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ چانڊڪا اسپتال جي پوسٽ مارٽم واري شعبي تي ڇاپو

larkana chapo

لاڙڪاڻو ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ چانڊڪا اسپتال جي پوسٽ مارٽم واري شعبي تي ڇاپو، شاگردن جي سکيا لاءِ ٺهيل پوسٽ مارٽم جي ڪمرن کي تالا لڳل، جج پاران عملي کي ڇنڊ.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو پاران ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سان گڏجي چانڊڪا اسپتال جي پوسٽ مارٽم واري شعبي تي ڇاپو هنيو.

ڇاپي دوران شعبي جي شاگردن جي سکيا لاءِ ٺهيل پوسٽ مارٽم جي ڪمرن کي تالا لڳل هئا، جڏهن ته پوسٽ مارٽم جو سامان پڻ خراب هجڻ جو انڪشاف ٿيو.

سيشن جج ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر کي ڇنڊ پٽيندي ڪاليچ جي پرنسپال، ايم ايس کي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*