سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير علي مردان شاهه ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت جوابدارن خلاف نيب انڪوائري ختم

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڪراچي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير علي مردان شاهه ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي  ۾ عدالت جوابدارن خلاف نيب انڪوائري ختم ڪرڻ بابت چئن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي  آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير علي مردان شاهه ۽ ٻين جوابدارن خلاف ٻڌڻي ۾ نيب جي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته انڪوائري مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ جوابدارن خلاف ڪو به ثبوت نه ملي سگهيو آهي.

هن ٻڌايو ته انڪوائري بند ڪرڻ لاءِ نيب جي چيئر مين کي لکيو ويو آهي.

عدالت چئن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*