اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آدمشماري سنجيده مسئلو آهي

asif zardari

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آدمشماري سنجيده مسئلو آهي، مقامي ماڻهن جا به خدشا آهن، سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي حل ڳولڻو پوندو، اقتدار ۾ اچڻ بعد ميان صاحب جي سوچ ننڍڙي ٿي وئي آهي.

حب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته جيڪا حڪومت چئن سالن ۾ پرڏيهي وزير مقرر نه ڪري سگهي آهي، ان بابت ڇا ٿو چئي سگهجي، فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت اي پي سي ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو.

هن چيو ته عرفان مروت سان ملاقات ٿي پر پ پ  ۾ شامل ٿيڻ بابت ڳالهيون نه ٿيون آهن، ذوالفقار مرزا جي پارٽي ۾ واپسي وارو فيصلو  ڏکيو آهي.

آصف علي زرداري چيو ته جتي بلوچستان کي ڇڏيو ويو هو اڄ به اتي ئي بيٺل آهي، شينهن ته ڇا پر تتر جو به شڪار نه ڪندو آهيان.

هن چيو ته قدوس بزنجو جي گهر سياست نه پر تعزيت ڪرڻ لاءِ آيو آهيان، بلوچستان جا مسئلا گڏجي حل ڪرڻا پوندا.

آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ٿيڻ سيڪيورٽي رسڪ ضرور آهي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*