سنڌ جي گورنر محمد زبير امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ امان جي قيام لاءِ رينجرز ۽ پوليس وڏيون قربانيون ڏنيون آهن

gover meetiong

سنڌ جي گورنر محمد زبير  امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ امان جي قيام لاءِ رينجرز ۽ پوليس وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪراچي آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، جڏهن ته اجلاس اڳ ڊي جي رينجرز گورنر سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

    اجلاس دوران گورنر محمد زبير چيو ته  ڪراچي ۾ امان جي قيام لاءِ رينجرز ۽ پوليس وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جن کي رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ ڪراچي آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

  گورنر چيو ته ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جي وڏي اهميت آهي ۽ ان سان ملڪ جي آبادي جي درست انگ اکرن جو پتو پوندو.

هن چيو ته سيڙپڪاري امن امان سان واڳيل هوندي آهي ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

   گورنر چيو ته سي پيڪ سان خطي ۾ خوشحالي ايندي ۽ سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙن جي سيڪيورٽي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

   اجلاس کان اڳ گورنر سان ڊي جي رينجرز گورنر سان ملاقات ڪري صوبي ۾ امن امان سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*