پ پ ترجمان فرحت الله بابر چيو آهي ته، فوجي عدالتن واري معاملي تي اسان اي پي سي ڪرائڻ واري موقف تي قائم آهيون

farhat ullah baber

پ پ ترجمان فرحت الله بابر چيو آهي ته، فوجي عدالتن واري معاملي تي اسان اي پي سي ڪرائڻ واري موقف تي قائم آهيون، پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ قومي اتفاق راءِ هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن پ پ جون تجويزون قومي مفاد ۾ آهن ته انهن کي فوجي عدالتن واري مسودي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.

پيپلز پارٽي پاران فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي 4 مارچ تي ڪوٺايل اي پي سي لاءِ مختلف پارٽين سان رابطن جو سلسلو جاري آهي، فرحت الله بابر پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي دعوت ڏني.

پ پ ترجمان سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته، فوجي عدالتن واري معاملي تي پ پ پاران اي پي سي ڪرائي رهي آهي، جيڪا هر هال ۾ ٿيندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فرحت الله بابر چيو ته فوجي عدالت واري معاملي تي اي پي سي ۾ اسان پنهنجون تجويزون پيش ڪنداسين ۽ ٻيون سياسي پارٽيون به پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون.

پ پ ترجمان چيو ته، اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين کي دعوت ڏني آهي، جماعت اسلامي يا ڪا ٻي پارٽي ان ۾ شرڪت نه ٿي ڪري ته اهُو ان جو پنهنجو فيصلو هوندو.

هن چيو ته فوجي عدالتن واري معاملي تي اسان جو پهريون ۽ آخري مقصد اهو ئي آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جو مسودو سمورين پارتين جي گڏيل صلاح مشوري سان آندو وڃي جيئن ساڀڻي ڪير به ان تي اعتراض نه ڪري، حڪومت کي ان معاملي تي جلد بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، پي ٽي آءِ سميت مخالف ڌر جي سمورين پارٽين جو مقصد هڪ ئي آهي ته ملڪ مان دهشتگرديءَ جو خاتمون آندو وڃي ۽ دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو وڃي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن واري مامري تي گهڻي حد تائين اتفاق ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ جيڪڏهن پيپلز پارتي جون نبه ڪي تجويزون آهن ته انهن تي به غور ڪيو وڃي جيئن هي معاملو متفقه طور تي اڳتي وڌي سگهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*