سکر ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

سکر ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ملازمن انتظاميه خلاف سخت نعريبازين ڪئي.

مظاهرين چيو ته انتظاميا کين گذريل ڪيترن ئي مهينن کان رهيل پگهارون جاري ناهن ڪيون، جنهن سبب هو تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته ايمانداري سان ڪم ڪندڙ ملازمن پاران بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته کين رهيل پگهارون فوري طور جاري ڪري معاشي پريشانين کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*