سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلوچستان بم ڌماڪي ۾ ملوث لشڪر جهنگوي جي دهشتگرد جليل عرف خليل سڀايو کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

Sukkur-Court-Ehtesab-31117

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلوچستان بم ڌماڪي ۾ ملوث لشڪر جهنگوي جي دهشتگرد جليل عرف خليل سڀايو کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

سي ٽي ڊي پوليس گرفتار ڪيل دهشتگرد جليل عرف خليل سڀايو کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سکر ۾ پيش ڪيو.

عدالت دهشتگرد جليل عرف خليل سڀايو کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته سي ٽي ڊي پوليس سکر ڪالهه شهر جي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري شڪارپور واسي دهشتگرد جليل عرف خليل سڀايو کي گرفتار ڪيو هو.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل دهشتگرد جو تعلق لشڪر جهنگوي سان آهي ۽ هو بلوچستان ۾ چيزل شاهه جي درگاهه تي ٿيل بم ڌماڪي ۾ ملوث رهيو آهي، بم ڌماڪي ۾ 34 ماڻهو شهيد ٿيا هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*