ايراني صدر حسن روحاني وفد سان گڏ اسلام آباد ايئرپور ٽ پهچڻ تي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ استقبال ڪيو

Iran's-president-Rouhani-has-arrived-Islamabad-Pakistan-28217

اقتصادي سهڪاري آرگنائيزيشن، اي سي او جي سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي شرڪت لاءِ ميمبر ملڪن جا صدر ۽ لاڳاپيل عملدار پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، ايراني صدر حسن روحاني وفد سان گڏ اسلام آباد ايئرپور ٽ پهچڻ تي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ استقبال ڪيو، سرتاج عزيز چيو آهي ته چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

اي او سي ۾ شرڪت لاءِ تاجڪستان جو صدر امام علي رحمانوف ۽ آذر بائيجان جو صدر به وفدن سان گڏ اسلام آباد پهچي ويا آهن.

تاجڪستان، آذر بائيجان ۽ ايران جا صدر اي سي او ۾ شرڪت لاءِ ميمبر ملڪن جا وزارتي وفد اسلام آباد پهچي ويا آهن، جڏهن ته ايراني صدر حسن روحاني جي پهچڻ تي کيس 21 توپن جي سلامي ڏني وئي.

اي سي او جي وزارتي ڪونسل جي ٿيل اجلاس ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي وزارتي ڪونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز چيو ته چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ميمبرز ملڪن وچ ۾ تعاون سان خطي جي امن ۽ خوشحالي ايندي.

سرتاج عزيز چيو ته خطو ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جهڙن چئلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، خطي ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو متاثر رهيو آهي، اي سي او جي ميمبرز ملڪن وچ ۾ پبلڪ پرائيوٽ جي شرڪت کي بهتر بڻايو ويندو.

اجلاس کي خطاب ڪندي ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو ته اي سي او کي توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ڪم  ڪرڻ گهرجي، ميمبرز ملڪن ۾ تعاون لاءِ بهترين فورم آهي، سڀني ميمبرز ملڪن کي چئلنجز کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو.

اجلاس ۾ ايران ۽ ترڪي سميت 10 ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪري رهيا آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*