وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو وري مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي

Petrol-Price-28217

وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو وري مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي حڪومت پيٽرول جي في ليٽر ۾ هڪ رپيو 71 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ رپيو 52 پئسا واڌي ڪري ڇڏي آهي.

پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ بعد نئين قيمت 73 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، گاسليٽ جي اگهه ۾ 75 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد گاسليٽ جي نئين قيمت 44 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.

نوان اگهه مقرر ٿيڻ بعد لائٽ ڊيزل 82 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو في ليٽر 72 رپيا ٿي ويو آهي.

پيٽروليم شين جون واڌيل قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي وينديون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*