اسلام آباد، پشاور، خيبر ايجنسي ۽ لوئر دير جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن

earthquake-28217

اسلام آباد، پشاور، خيبر ايجنسي ۽  لوئر دير جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي جا لوڏا اچڻ بعد متاثر علائقن جا ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته زلزلي جو زور ريڪٽر اسيڪل تي 6 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

هري پور، مانسره، اسلام آباد، پشاور، خيبر ايجنسي ۽ ايبٽ آباد سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

موسميات کاتي موجب مردان، نوشهره، سوات، چترال، دير بالا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

موسميات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جو زور 6 رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن به علائقي مان جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*