ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم ڪمانڊر جي ويجهي ساٿي سميت 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ پوليس ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم ڪمانڊر جي ويجهي ساٿي سميت 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب، گرفتار دهشتگرد چوڌري اسلم تي حملي سميت پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگز  ۾ ملوٽ هئا، جڏهن ته ناظم آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس شهيد ٿي ويو.

پوليس موجب، سهراب ڳوٺ ڀرسان جنجال ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم ڪمانڊر دائود محسود جي ويجهي ساٿي کي 2 دهشتگردن سميت گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا.

پوليس موجب، گرفتار دهشتگردن هڪ ڀتاخور گروپ جي ٽولي جا ميمبر آهن، جيڪي مختلف ڀتاخوري جي واقعن ۾ ملوث هئا.

پوليس موجب، گرفتار دهشتگرن پولي، رينجرز اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگز به ملوث هئا.

ناظم آباد جي پاپوش نگر واري علائقي ۾ هٿياربند جي فائرنگ ۾ ڪنڊياري واسي پوليس اهلڪار شهمير جهنڊير شهيد ٿي ويو.

پوليس موجب، موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اهلڪار شهيد ٿي ويو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*