ميرپور بٺوري ۾ سوزوڪي ۽ رڪشا وچ ۾ رستو ڏيڻ جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

m

ميرپور بٺوري ۾ سوزوڪي ۽ رڪشا وچ ۾ رستو ڏيڻ جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

مين بس اسٽاپ تي ملاح ۽ زنئور برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ صديق ملاح، سومار، سادو، غلام محمد، وزير، نذير ۽ زنئور برادري جا درياهه خان،عبدالمجيد، غلام رسول، نور احمد،رسول بخش ۽ غلام نبي زنئور زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال نيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته جهيڙو سوزڪي کي رستو ڏيڻ جي معاملي تي جهيڙو ٿيو، واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*