ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ غيرملڪي ڪرڪيٽرز پي ايس ايل جي فائنل کيڏڻ لاءِ لاهور اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

Quetta-PSL-1317

ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ غيرملڪي ڪرڪيٽرز پي ايس ايل جي فائنل کيڏڻ لاءِ لاهور اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڪوئٽا گليڊي ايٽرز ٽيم جي  نمائندگي ڪندڙ ڪيون پيٽرسن گذريل ڏينهن شارجا کان لنڊن روانو ٿي ويو.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم گذريل ڏينهن پشاور زلمي جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتوآهي ۽ فائنل پنج مارچ تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم ۾ ڪيون پيٽرسن، رائلي روسوِ، نيٿن ميڪيولم،ملز ۽ليوڪ رائيٽ شامل آهن.

ليوڪ رائيٽ سوشل ميڊيا تي چيو آهي ته لاهور ۾ فائنل نه کيڏڻ تي کيس ڏک آهي، ڇاڪاڻ جو پاڪستاني عوام ڪرڪيٽ کي گهڻو پسند ڪندا آهن، پر هو ڪرڪيٽ لاءِ پنهنجي خاندان کي خطري ۾ وجهي نٿو سگهي.

ٻئي طرف ٽائمل ملز جو چوڻ آهي ته  بدقسمتي سان هو فائنل کيڏڻ لاءِ لاهور نٿو وڃي ۽ هو گهر ويهي فائنل ٽي وي تي ڏسندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*