پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پنهنجي ڪوششن واري سلسلي ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي درخواست ڪئي آهي

PCB-12-4-16

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پنهنجي ڪوششن واري سلسلي ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي درخواست ڪئي آهي ته اهي هلندڙ سال نومبر مهيني ۾ پنهنجي ٽيم کي پاڪستان اماڻين.

بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي جي اهڙي درخواست جي جواب ۾ پنهنجو سيڪيورٽي وفد پاڪستان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

بنگلاديش جو سڪيورٽي وفد پاڪستان سپر ليگ جي فائنل واري ڏينهن لاهور ايندو، جتي هو سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو وٺندا ۽ پنهنجي رپورٽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي ڏيندا.

هلندڙ سال نومبر ۽ ڊسمبر مهيني ۾ انڊيا کي پاڪستان جو دورو ڪرڻُو آهي،پر ٻه طرفي سيريز وارو معاهدو ختم ٿيڻ بعد اها سيريز ممڪن نه آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم 2012 ۽ 2015۾ بنگلاديش جو دورو ڪري چڪي آهي،جڏهن ته بنگلاديشي ٽِيم 2008۾ پاڪستان جودورو ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*