پاڪستان سپرليگ ٽو جي پهرين ڪواليفائنگ فائنل ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد پشاور زلمي جي ٽيم کي هڪ رنز تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتوآهي

Quetta-PSL-Win-Zalmi-1317

پاڪستان سپرليگ ٽو جي پهرين ڪواليفائنگ فائنل ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد پشاور زلمي جي ٽيم کي هڪ رنز تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتوآهي، اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ اهم ميچ کيڏي ويندي.

گڏيل عرب امارات جي شهر شارجه ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي اهم ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورس ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 200رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾احمد شهزاد 71،ڪيون پيٽرسن 40،انور علي 20،روسوِ ۽سرفراز احمد 17-17رنز جي اننگ کيڏي.

پشاور زلمي پاران وهاب رياض 3، جڏهن ته حسن علي ۽ڊيرن سمي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پشاور زلمي جي ٽيم ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 201رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪندي ڪندي رهجي وئي.

پشاور زلمي جي ٽيم کي آخري اوور ۾ ست رنز گهربل هيون، پر هو صرف پنج رنز اڪسور ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح کين هڪ رنز تان شڪست نصيب ٿي.

پشاور زلمي پاران محمد حفيظ 77،ڊيون ملان 56۽شاهد آفريدي 34رنز جي اننگ کيڏي.

ڪوئٽ گليڊي ايٽرز جي ٽيم پاران محمد نواز 3، جڏهن ته انور علي ۽ملز هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

احمد شهزاد کي بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

اڄ ميگا ايونٽ ۾ دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ڪواليفائنگ فائنل ميچ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*