سنڌ هائيڪورٽ قديم جيٽين تي مڇي جي شڪار تي پابندي خلاف ماهيگيرن جي درخواست تي پورٽ قاسم کان ٻن هفتن اندر وضاحت طلب ڪري ورتي آهي

Sindh-high-Court-7217

سنڌ هائيڪورٽ قديم جيٽين تي مڇي جي شڪار تي پابندي خلاف ماهيگيرن جي درخواست تي پورٽ قاسم کان ٻن هفتن اندر وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

ماهيگيرن پاران سنڌ هائيڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قديم جيٽين تي پابندي ۽ پورٽ قاسم کان رستو بند هجڻ ڪري ٻيڙيون ٻڏڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن.

ماهيگيرن جو موقف آهي ته پورٽ قاسم وارو رستو بند هجڻ ڪري ننڍين ٻيڙين کي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻو پوي ٿو، جنهن ڪري تيز ڇولين جي ور چڙهي ڪيتريون ئي ٻيڙيون ٻڏي چڪيون آهن.

ماهيگيرن جو موقف آهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي 4 سئو سال قديم جيٽي تي مڇي مارڻ تي پابندي لڳائي آهي، جنهن سان ابراهيم حيدري سميت مختلف وسندين جا ماهيگير سخت متاثر ٿي رهيا آهن.

پورٽ قاسم جي وڪيل سنڌ هائيڪورٽ ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت پورٽ قاسم اٿارٽي، پورٽ ۽ شپنگ واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي 16 مارچ تائين وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*