مملڪتي وزير عابد شر علي چيو آهي ته عمران خان انڊيا جو ايجنٽ آهي

abidalishar25-8

مملڪتي وزير عابد شر علي چيو آهي ته عمران خان انڊيا جو ايجنٽ آهي، پي ايس ايل جو فائنل ملتوي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، بلاول پهرين مولابخش کان ڪراچي جو گند صاف ڪرائي هن جو ذهني توازن ٺيڪ نه آهي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته عمران کان دهشتگردن جو سهولتڪار ۽ انڊيا جو ايجنٽ آهي.

هن چيو ته ڪجهه ڏيهن کان اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پنجاب ۾ پختونن خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي پر ائين نه آهي پختون اسان جا ڀائر آهن آپريشن فقط دهشتگردن خلاف آهي.

عابد شير علي چيو ته عمران خان پاڪستاني نه پر انڊيا جي ايجنٽ بال ٺڪري جو ڀاءُ آهي.

پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي مملڪتي عابد شير علي چيو ته مولابخش چانڊيي جو ذهني توازن ٺيڪ نه آهي بلاول کي گهرجي ته هن جو علاج ڪرائي.

هن چيو ته ماڊل ايان علي پيسن سان ڀريل بيگ سان گرفتار ٿي پر قوم ڏٺو ته پرائيويٽ جهاز ۾ ٻاهرين ملڪ رواني ٿي وئي.

عابد شير علي چيو ته بلاول تنقيد ڪرڻ کان پهرين ڪراچي جو گند صاف ڪرائي، نوازشريف ڪراچي ۾ گرين بس ۽ موٽروي جهڙا منصوبا ڏنا.

هن چيو ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو وقت اچي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*