خانپور ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي، پوليس ڪارروائي ڪندي آپگهاتي بمبار کي گرفتار ڪري ورتو آهي

khanpur-11616

 خانپور ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي، پوليس ڪارروائي ڪندي آپگهاتي بمبار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ جو چوڻ آهي ته دهشتگرد جي سڃاڻپ فهيم ساجد نالي طور ٿي آهي ۽ هو تاجڪ ٻولي ڳالهائي ٿو.

هن چيو ته جوابدار وٽان افغاني پاسپورٽ هٿ ڪيو آهي، دهشتگرد لنڊي ڪوتل واري رستي کان شڪارپور پهتو هو.

 ڊي آءِ جي وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جو وڏو پلان ٺاهيو ويو هو، جيڪو ناڪام بڻايو ويو آهي، گرفتار دهشتگرد کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*