سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن وزير اعليٰ سنڌ کي سنڌ مالياتي ڪميشن جو اجلاس سڏائڻ لاءِ خط لکي ورتو آهي

MQM-Khuwaja-Letter-1317

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن وزير اعليٰ سنڌ کي سنڌ مالياتي ڪميشن جو اجلاس سڏائڻ لاءِ خط لکي ورتو آهي.

 خواجا اظهارالحسن  خط ۾ وڏي وزير کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود سنڌ مالياتي ڪميشن جو اجلاس سڏايو ويو، جنهن ڪري بلديا عظميٰ ڪراچي سميت سنڌ جي سڀني ضلعن جي ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهيون آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت 2016-17 لاءِ ڪراچي کي عبوري فارمولي تحت  فنڊز جاري ڪيا ويا هئا،  جنهن ۾ بلدياتي ادارن جي مالي ضرورتون پوريون نه ٿي سگهيون.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته بلدياتي ادارن کي فنڊز نه ملڻ ڪري  ترقياتي ڪم پڻ متاثر ٿي رهيا آهن.

خواجا اظهارالحسن چيو آهي ته فوري طور سنڌ مالياتي ڪميشن جو اجلاس طلب ڪري بلدياتي ادارن جي مسئلن جي حل لاءِ فنڊز جاري ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*