عالمي برادري عراق ۽ شام جي پناهگيرن لاءِ امداد واري اپيل جي سٺي موٽ نه ڏني هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي

مشهور اداڪاره ۽ گڏيل قومن جي خيرسگالي سفير اينجلينا جولي عراق ۾ ڪردن جي پناهگير ڪئمپ جي دوري بعد عالمي برادري کي متاثرن جي سهائتا لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هالي ووڊ جي اداڪاره اينجلينا جولي پناهگيرن جي امداد ۽ بحالي بابت گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي  سفير طور عراق جي سرحدي علائقن ۾ ڪردن جي پناهگير ڪئمپن جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي هن اجهن کان محروم ماڻهن سان حال احوال ڪرڻ سان گڏ سندن مسئلا معلوم ڪيا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اينجلينا جوليءَ چيو ته عالمي برادري عراق ۽ شام جي پناهگيرن لاءِ امداد واري اپيل تي 2014 دوران ايتري سٺي موٽ نه ڏني، جنهن جي اميد هئي.

هن چيو ته هاڻ ان کان پهرين جو ڪو انساني الميو ٿئي عالمي برادري کي وڌيڪ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*