اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس خطي جي ترقيءَ لاءِ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو

ECO-Nawaz-Sharif-1317

اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس خطي جي ترقيءَ لاءِ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان پرامن پاڙيسري واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، ڪشمير تڪرار جي نبيري سان ئي خطي ۾ جٽادار امن قائم ٿي سگهي ٿو.

اسلام آباد ۾ اقتصادي سهڪار تنظيم جو اجلاس وزير اعظم نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ ايراني صدر حسن روحاني، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ازبڪستان جو صدر قربان علي يوف، ۽ ٻين ملڪن جا سربراهه شريڪ آهن.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته دنيا جو 52 سيڪڙو واپار اي سي او خطي مان ٿيندو آهي.

هن چيو ته پاڪستان پرامن پاڙيسري واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، ڪشمير تڪرار جي نبيري سان ئي خطي ۾ جٽادار امن قائم ٿي سگهي ٿو.

اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خطي جي امن ۽ ترقي ۾  رڪاوٽ بڻيل آهي.

هن چيو ته خطي جي ملڪن وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي، علائقي جي ترقي لاءِ مختلف پروجيڪٽ شروع ڪيا ويا آهن.

طيب اردگان وڌيڪ چيو ته خطي جي ملڪن جي سياسي هم آهنگي تمام ضروري آهي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ايراني صدر حسن روحاني چيو ته اي سي او جاگرافيائي لحاظ کان اهم آهي ۽ ايڪهين صدي ايشيا جي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي جو دور آهي.

اي سي او جي سيڪريٽري جنرل حليل عباس جو چوڻ هو ته کين يقين آهي ته اي سي او تنظيم وڌيڪ ترقي جو سبب بڻجندي.

افغانستان جي سفير مرزخيلوال چيو ته اجلاس ۾ شريڪ ميمبرن جا مشورا مفيد آهن، غربت ۽ ٻين چئلنجز کي گڏيل حڪمت عملي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.

هن چيو ته ويزن 2025 تي عمل ڪرڻ سان خطي جي عوام تي سٺا اثر پوندا.

اي سي او سربراهي اجلاس ۾ ترڪ قبرص مبصر مصطفيٰ اڪيني خطاب ڪندي چيو ته مشڪل حالتن باوجود قبرص ۾ امن چاهيون ٿا، اي سي او تحت مختلف شعبن ۾ ورڪشاپس، سياحت، خدمت ۽ ٻين شعبن ۾ ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*