آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پي ايس ايل جي موقعي تي پاڪ فوج مڪمل سيڪيورٽي مهيا ڪندي

shahbaz and kamar bajwa

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پي ايس ايل جي موقعي تي پاڪ فوج مڪمل سيڪيورٽي مهيا ڪندي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، آرمي چيف پنجاب جي وڏي وزير فون تي رابطي پي ايس ايل جي سيڪيورٽي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ پنجاب جي وڏي وزير لاهور ۾ رٿيل پي ايس ايل جي فائنل دوران سيڪيورٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

آرمي چيف چيو آهي ته پي ايس ايل جي فائنل دوران سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج سيڪيورٽي لاءِ سموريون ضروري سهولتون مهيا ڪندي.

آرمي چيف سان فون تي رابطي دوران ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته، پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ سان ملڪ مان خوف واري ماحول کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*