فيض گنج ۾ پرائمري استادن نيشنل بينڪ پڪاچانگ برانچ انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

faiz ganj

فيض گنج ۾ پرائمري استادن نيشنل بينڪ پڪاچانگ برانچ انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين الزام هڻندي چيو آهي ته بئنڪ ملازم جائز ڪمن تي به رشوت وٺي رهيا آهن.

پ ٽ الف تعلقي فيض گنج جي صدر شمس الدين شر، اقبال مڱڻهار سميت ٻين اڳواڻن ڪي ٽي اين نيوز آفيس پهچي نيشنل بينڪ برانچ پڪاچانگ انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو.

مظاهرين دانهيندي چيو ته استادن جي اڪائونٽ مان مئنيجر بناجواز ڪٽوتي ڪرڻ سان گڏ ايڊوانس لون سميت ٻين جائز ڪمن تي رشوت طلب ڪري ٿو.

هنن چيو ته مهيني جي پهرين تاريخن ۾ اي ٽي ايم مشين جي لنڪ ڊائون ڪري من پسندن جا چيڪ پاس ڪيا وڃن ٿا.

هنن نيشنل بينڪ ريجن سکر، ڪراچي سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي ته اين بي پي برانچ مئنيجر پڪاچانگ جي ڏاڍائين جو نوٽيس وٺي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*