پوليس ۽ اينٽي ٽيررسٽ فورس سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ ڪارروائي ڪري 40 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتا آهن

police

پوليس ۽ اينٽي ٽيررسٽ فورس سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ ڪارروائي ڪري 40 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.

حيدرآباد پوليس  مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ پٺاڻ ڪالوني، ڊاڪٽرز ڪالوني ۽ رهائشي هوٽلن  تي ٽارگيٽيڊ ڇاپا هڻي  غير قانوني طور ترسيل 9  افغاني شهرين کي گرفتار ڪري سندن خلاف  فارينز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڇاپو هڻي افغانستان جي علائقي جلال آباد جي رهواسي علي محمد ولد عبدالرزاق سليمان خيل کي گرفتار ڪري فارينر ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.

دولتپور پوليس بازار ۾ ڇاپو هڻي محمد اڪبر ۽ دائود سميت 4 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻي وئي .

نئون ديرو ۽ ڪيٽي ممتاز وارن علائقن ۾ پوليس ٽن افغاني شهرين کي گرفتار ڪيو آهي .

 نئون ديرو پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ٽنهي افعاني شهرين وٽان پرڏيهي ڪرنسي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.

   پوليس ٻڌايو ته  گرفتار ڪيل ٽنهي افغاني شهرين خلاف نئون ديرو۽ ڪيٽي ممتاز ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

 گمبٽ پوليس روهڙي ڪئنال وٽ ڪارروائي ڪري افغان شهري اختر ولي کي گرفتار ڪري سندس خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري  ڇڏيو.

پوليس  ٺٽي شهر ۾ ڪارروائي ڪري افغان شهري فضل واحد کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو.

جهرڪ پوليس ڪارروائي ڪري افغانستان جي شهر جلال آباد جي رهواسي خان محمد  ۽ شير خان کي گرفتار ڪري سندن خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو.

ڪراچي ۾ پوليس سائيٽ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري 11 افغان شهرين کي گرفتار ڪري سندن خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*