سنڌ سرڪار عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاپوش نگر ۾ پوليس اهلڪار جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، الزام بازي بند ڪري حڪمراني تي ڌيان ڏئي.

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته شهر اندر دهشتگردن سر عام گهمن ڦرن پيا ۽ امان امان جي صورت انتهائي خطرناڪ آهي.

رابطا ڪميٽي الزام هنيو ته سنڌ پوليس جي اهلڪارن جي بليٽ بروف سڪيورٽي لاءِ رکيل رقم ۾ به ڪرپشن ڪئي وئي آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار الزامن واري سياست بندي ڪري شهري معاملن تي ڌيان ڏئي.

رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته وزيراعظم، گهرو وزير ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا سنڌ سرڪار جي غير سنجيدگي جو نوٽيس وٺن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*