وفاقي ڪابينا فاٽا سڌارن بابت سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي

pm

وفاقي ڪابينا فاٽا سڌارن بابت سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته قومي وسيلن تي فاٽا جو ايترو ئي حق آهي، جيترو ٻين صوبن جو آهي.

وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز پاران فاٽا سڌارن بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ فاٽا سڌارن بابت ڪميٽي جي پيش ڪيل رپورٽ تي غور ويچار ڪرڻ بعد سفارشن جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته  قومي وسيلن تي فاٽا جو ايترو ئي حق آهي، جيترو ٻين صوبن جو آهي.

نواز شريف چيو ته وقت اچي ويو آهي ته فاٽا جي عوام کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪري انهن جون احساس محروميون ختم ڪيون وڃن.

هن چيو ته پٺ تي پيل علائقن کي به ترقي ملڻ گهرجي، وفاق ۽ صوبن جو فرض آهي، ترقي ۾ فاٽا جي عوام کي به شامل ڪيو وڃي.

 وزير اعظم نواز شريف چيو ته قومي يڪجهتي ۽ مضبوطي لاءِ پاڪستانيت جو جذبو ضروري آهي، هر پاڪستاني کي اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ جهڙا موقعا ملڻ گهرجن……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*