ڀرياسٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ٻئي ڏينهن به دڪانن تي ڇاپا هڻي غير قانوني طور پيٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ڪندڙ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

bahria city

ڀرياسٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ٻئي ڏينهن به دڪانن تي ڇاپا هڻي غير قانوني طور  پيٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ڪندڙ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالستار ڀيو پاران ڇاپو هڻڻ دوران ثناءَ الله، مبين پٺاڻ، شاهنواز سيال ۽ فهيم ميمڻ سميت 5 دڪاندارن کي گرفتار ڪيو ويو .

هن وڌيڪ ٻڌايو ته دڪانن تي پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڪرو بند ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي، جنهن بعد دڪاندارن تي ڪيس داخل ڪيا ويندا.

هن چيو ته 2011 کان پيٽرول دڪاندارن ۽ ايجنسي وارن کي مليل لائيسنس جيڪي ٻيهر رنيو ناهن ٿيا اهي سڀ غير قانوني آهن.

ٻئي طرف پيٽرول ۽ ڊيزل جا دڪان هلائيندڙ عبد الطيف ڀٽي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته کين روزگار کان محروم ڪيو پيو وڃي،ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*