ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه جي عملي پاران مقامي رهواسين ۽ ٽرانسپورٽن کان زبردستي ٽول ٽيڪس وٺڻ خلاف آل پارٽيز الائنس

kandiyaro

 ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه جي عملي پاران مقامي رهواسين ۽ ٽرانسپورٽن کان زبردستي ٽول ٽيڪس وٺڻ خلاف آل پارٽيز الائنس، شهرين، دڪاندارن پاران  25 ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

شهري اتحاد جي صدر ڄام مير خان سهتو، ٽرانسپورٽ اڳواڻ نعيم ڏهراج، آل پارٽيز الائينس اڳواڻ مولوي  محمد رمضان خاصخيلي، ظفر کوسو، عمرداز قائمخاني ۽ ٻين چيو ته ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه جو عملو مقامي رهواسين کان ڏنڊي جي زور تي ٽول ٽيڪس وٺي رهيو آهي، جيڪا وڏي زيادتي آهي.

هنن چيو ته  ٽول ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڊرائيورن مٿان سخت تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڊرائيورن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاريو وڃي ٿو، جنهن سبب ڪراچي حيدرآباد ڏانهن سامان کڻي ويندڙ گاڏيون واپس ڪنڊيارو موٽي اچن ٿيون، جنهن سبب ٽرانسپورٽرن کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ايمرجنسي ۾ اسپتالن ڏانهن ويندڙ مريضن جي گاڏين کي به بيهاريو وڃي ٿو، جنهن ڪري مريض تڙپندا رهن ٿا.

 هنن مطالبو ڪيو ته ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکڻ سان گڏ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪرائي ڊي سي نوشهروفيروز جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*