حيدرآباد ويجهو پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

Hyd-Map-11816

حيدرآباد ويجهو  پراڻي دشمني تان  هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

باءِ پاس پل  موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پڪي قلي واسي نوجوان فرحان پٽ فتح محمد مارجي ويو، جنهن جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*