سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين عدالت جيِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين عدالت جيِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواستگزار موقف اختيار ڪيو ته مراد علي شاهه کي مئي 2013 ۾ سپريم ڪورٽ 5 سالن لا نااهل قرار ڏنو هو.

 محمود اختر نقوي پاران سپريم ڪورٽ رجسٽري لاهور ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم جي ڀڇڪڙي ڪندي پهرين مراد علي شاهه کي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو هو، 2014 ۾ سندس ڀاڻج کي استعيفيٰ ڏياري پي ايس 73 سيوهڻ تان کيس ايم پي اي چونڊرايو ويو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته  وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف ڪرمنل ڪيسز رجسٽرڊ آهن، ان ڪري کيس نااهلي قرار ڏئي ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

درخواسگتذار موقف اختيار ڪيو ته مراد علي شاهه کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي پر ڪجهه به نه ٿيو.

درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سميت ضلعي اليڪشن آفيسر کي به ڌر بڻايو  آهي……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*