وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته، افعانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏيڍ لک کان وڌيڪ اتحادي ملڪن جون فوجون مقرر ڪيون ويون

chodhary nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته، افعانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏيڍ لک کان وڌيڪ اتحادي ملڪن جون فوجون مقرر ڪيون ويون، ان باوجود به امن قائم نه ٿي سگهيو، وڏي پئماني تي فوجي مداخلت سان امن نه ٿو آڻي سگهجي، پاڪستان ۾ سول ملٽري اختيار بهتر هجڻ سبب ان جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته، پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت وچ ۾ لاڳاپا بهتر آهن، جنهن جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن.

چوڌري نثار چيو آهي ته، افعانستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ اتحادي ملڪن ڏيڍ لک کان وڌيڪ فوجون مقرر ڪيو پر ان سان امن امان قائم نه ٿي سگهيو آهي.

هن چيو ته افغانستان ۾ وڏي پئماني تي فوجي مداخلت سان اتي امن امان قائم نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي وري حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*