پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ماڻهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ پ پ جي ڪيفيت موهن جو دڙو ويجهو ٻڏندڙ ٻيڙي جهڙي آهي, پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي

Arif-Alvi-PTI-3317

پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي چيو آهي  ته پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ماڻهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ پ پ جي ڪيفيت موهن جو دڙو ويجهو ٻڏندڙ ٻيڙي جهڙي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عارف علوي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ پختون برادري خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، ڪراچي شهر 25 سالن کان لساني بنياد تي متاثر ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته پختونن جي گرفتارين تي آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪيو ته هن چيو افغانين بابت انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن.

عارف علوي چيو ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي پر انهن جي آڙ ۾ افغانين کي تنگ نه ڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته چوڌري نثار جون ڪيتريون خواهشون هونديون پر اسان جي خواهش آهي ته هو استعيفيٰ ڏئي.

عارف علوي چيو  ته پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ماڻهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ پ پ جي ڪيفيت موهن جو دڙو ويجهو ٻڏندڙ ٻيڙي جهڙي آهي .

عارف علوي چيو ته شرجيل ميمڻ سان چونڊ وڙهندڙ تي ٽنڊي ڄام جي اڳوڻي تعلقي ناظم خاوند بخش جهيجو خلاف ڪيس داخل ڪري مٿس دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*