ڀرياسٽي ۾ مبينا طور ڪارو پٿر پياري قتل ڪيل ناري جي وارثن ۽ سولنگي برادري جي ماڻهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

bahriya city

ڀرياسٽي ۾ مبينا طور ڪارو پٿر پياري قتل ڪيل ناري جي وارثن ۽ سولنگي برادري جي ماڻهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سولنگي برادري جي مردن توڙي عورتن مسمات خديجا، سونيا سولنگي، امام بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته جاچ آفيسر جوابدار ڌر کان رشوت وٺي ناري نصيران سولنگي جو ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿو، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن چيو ته جوابدارن شير سولنگي، عزيزالله سولنگي، اصغر سولنگي خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس سندن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ناري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*