ڪنڊيارو ڀرسان 25 سالن جو گونگو نوجوان هڪ هفتي کان لاپتا آهي، وارثن پاران ڪافي ڳولا باوجود سندس جو پتو نه پئجي سگهيو

kandiyro

ڪنڊيارو ڀرسان 25 سالن جو گونگو نوجوان هڪ هفتي کان لاپتا آهي، وارثن پاران ڪافي ڳولا باوجود سندس جو پتو نه پئجي سگهيو.

ڳوٺ پڪا گهانگهرا جو رهواسي محمد عمر گهانگهرو هڪ هفتي کان گم ٿي ويو آهي،  سندس والد ابراهيم گهانگهرو  نيشنل پريس ڪلب ۾ پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندس پٽ ڳالهائڻ کان لاچار آهي، پاڙي ۾ خيرات کائڻ لاءِ گهران نڪتو ته واپس ناهي آيو.

هن چيو ته ڪنڊيارو سميت مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سندس ڳولا ڪئي آهي پر هفتو گذري وڃڻ باوجود ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي.

هن وس واران کي  اپيل ڪندي چيو ته سندس پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*