ڪنڊيارو ۾ شهرين، ٽرانسپورٽرز ۽ واپارين قومي شاهراهه تي ٽول پلازه جي عملي پاران زبردستي ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

kandiyro toll

ڪنڊيارو ۾ شهرين، ٽرانسپورٽرز ۽ واپارين قومي شاهراهه تي ٽول پلازه جي عملي پاران زبردستي ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شهرين، ٽرانسپورٽرز ۽ واپارين مير خان سهتو، خالد ملاح، مولانا رمضان خاصخيلي، نعيم ڏهراج، عمر دراز قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 27هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي قائم ٽول پلازه جو عملو مقامي رهواسين کان ناجائز ٽول ٽيڪس اوڳاڙي رهيو آهي.

هنن چيو ته هر ضلعي ۾ هڪ ٽول پلازه قائم ٿيل آهي پر ضلعي نوشهري فيروز ۾ 35 کان 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي 2 ٽول پلازه قائم ڪيا ويا آهن، جيڪو عمل غيرقانوني آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني ٽول پلازه ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*