وزيراعظم نواز شريف اتروزيرستان ۾ تنگي ڊئم جي پيڙهه پٿر رکي ڇڏيو آهي

Nawaz-Sharif-Dam-3317

  وزيراعظم نواز شريف اتروزيرستان ۾ تنگي ڊئم جي پيڙهه  پٿر رکي ڇڏيو آهي، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته، جتي خوف جو راڄ هو اڄ محبت جو دور شروع ٿي ويو آهي،ملڪ جي سياسي ڌرين گڏجي امن جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪ ۾ منفي سياست  جي ڪا به گنجائش نه آهي، وزيرستان جي ماڻهن ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون  ڏنيون آهن.

وزيراعظم نواز شريف وزيرستان جي علائقي تنگي ۾ ڊئم جي پيڙهه جو پٿر رکيو، هن ڊئم ٻن مرحلن ۾مڪمل ٿيندو، ڊئم جو پهريون مرحلو ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيندو.

ڊئم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته، ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين گڏجي امن لاءِ فيصلا ڪيا آهن،جنهن جا بهتر نتيجا اڳيا ايندا.

سندس  چوڻ آهي ته، سيپيڪ جا منصوبا ايتري تيزي سان ٺهن پيا جنهن جو ڪو مثال ناهي،جنهن سان ملڪ سميت پوري خطي کي  فائدو رسندو.

هن  چيو ته  جنهن ملڪ ۾ 16-16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هجي اهڙو ملڪ ڪهڙي ترقي ڪندو، ماضي ۾ بجلي جي  منصوبن تي سنجيدگي سان ڪم نه ڪيو ويو.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته، جتي دهشتگردن جو ڪنٽرول هو اتان جو نظام هاڻي مقامي ماڻهن وٽ آهي ۽ اتي هاڻي محبت جو  دور شروع ٿي ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*