آپريشن ردالفساد ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ خاور ۽ نائيڪ شهزاد جي جنازي نماز بنون ۾ اداڪئي وئي

Shaheed-Army-man-Pakistan-3317

آپريشن ردالفساد ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ خاور  ۽ نائيڪ شهزاد جي جنازي نماز بنون ۾ اداڪئي وئي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان جي زندگي ۽ رت ملڪ لاءِ آهي.

ليفٽيننٽ خاور شهيد ۽ نائيڪ شهزاد شهيد جي جنازي نماز بنون ۾ اداڪئي وئي، جنهن ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

شهيدن جي  مڙهه کي فوجي جوانن پاران سلامي پيش ڪرڻ بعد فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته وطن خاطر پنهنجي جان جي قربانيءَ کان ڪا به شيءِ وڌيڪ نه  آهي، اسان جي زندگي ۽ رت ملڪ لاءِ آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن بنون ۾ آپريشن ردالفساد دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشت گردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي  ۾  ليفٽيننٽ خاور  ۽ نائيڪ شهزاد شهيد ٿي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*