پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ دهشتگردن لاءِ هڪ سخت پيغام آهي, پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف

Shahbaz-sharif-81116

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ دهشتگردن لاءِ هڪ سخت پيغام آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان سپر ليگ جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو فيصلو سمورن ادارن سان صلاح مشورن کان پوءِ ڪيو ويو.

هن چيو ته پي ايس ايل جي فائنل لاءِ بهترين انتظام ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ميچ کي پرامن ماحول ۾ ڪرائڻ کي يقيني بڻائينداسين.

هن چيو ته پي ايس ايل جو فائنل ميچ لاهور ۾ منعقد ڪرڻ دهشتگردن لاءِ هڪ سخت پيغام آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل جو فائنل ميچ پاڪستان جو هڪ وڏو ميگا ايونٽ آهي …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*