پاڪستان آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيل پينٽاگون جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو

پاڪستان، آپريشن ضرب عضب بابت آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيل پينٽاگون جي رپورٽ کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ افغانستان ۽ آمريڪا کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو، اهڙي قسمن جي الزامن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان واضح ڪري چڪو آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب بنا ڪنهن فرق جي جاري آهي، پينٽاگون جي رپورٽ تي آمريڪي سفير کي طلب ڪري پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي، آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ آمريڪا ۽ افغانستان کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو، اهڙي صورتحال ۾ الزامن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

پرڏيهي ترجمان چيو ته وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي چين جي دوري تي روانو ٿيندو، دوري دوران چيني هم منصب ۽ صدر سان ملاقات ڪري مختلف منصوبن ۽ يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون.

تسنيم اسلم جو چوڻ هو ته وزيراعظم 8 نومبر تي بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو، جڏهن ته وزيراعظم دوري دوران توانائي شعبي جي منصوبن تي سيڙپڪاري لاءِ پڻ ڌيان ڇڪائيندو.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، خطي ۾ امن لاءِ پاڪ-ڀارت ڳالهيون ضروري آهن.

پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم جو چوڻ هو ته آرمي چيف افغانستان جي دوري دوران سرحدي معاملن تي ڳالهيون ڪندو، جڏهن ته افغان صدر پڻ جلد پاڪستان جي دوري تي ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*