پاڪستان سپر ليگ ٽو جي ٽين پلي آف جي فاتح پشاور زلمي جا رانديگر دبئي کان لاهور پهچي ويا

Peshawar-Zalmi-4317

پاڪستان سپر ليگ ٽو جي ٽين پلي آف جي فاتح پشاور زلمي جا رانديگر دبئي کان لاهور پهچي ويا، چيئرمين پي ايس ايل نجم سيٺي ۽ قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر به دبئي کان لاهور پهتو.

لاهور ايئرپورٽ پهچندڙ رانديگرن ۾ ڪامران اڪمل، محمد حفيظ، وهاب رياض۽ حسن علي شامل آهن.

ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، وڏي انگ ۾ ايليٽ ڪمانڊوز ايئرپورٽ ٻاهران موجود هئا.

پاڪستان سپر ليگ ٽو جو فائنل سڀاڻي پشاور زلمي ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيمن وچ ۾ٿيندي.

پشاور زلمي جي ٽيم ڪراچي ڪنگز جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل لاءِڪواليفاءِ ڪيو آهي.

ڊيرن سمي، مارلن سموئلز ،ڪرس جارڊن سميت پشاور زلمي جا غير ملڪي رانديگر سڀاڻي ايڪشن ۾ نظر ايندا.

نشتر پارڪ اسپورٽس ڪامپليڪس جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ آءِ سي سي جا ٻه آفيشلز سري لنڪا کان لاهور پهچي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*