حيدر آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خاوند بخش جهيجو تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Hyd-Map-11816

 حيدر آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خاوند بخش جهيجو تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ  اڳواڻ خاوند بخش جهيجو تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڪارڪنن ۽ جهيجا برادري جي ماڻهن ميران محمد روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 پي ٽي آءِ اڳواڻ خاوند بخش جهيجو چيو ته هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻن جي چوڻ تي پوليس سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ مٿس دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙ خاوند بخش جهيجو تي داخل ڪيس فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*