پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سڏايل گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حمايت بابت فيصلو نه ٿي سگهيو

bilawal

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سڏايل گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حمايت بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، پ پ چيئرمين بلال ڀٽو زرداري چيو آهي ته فوجي عدالتن جي حمايت جو فيصلو قانوني مشاورت بعد ڪيو ويندو، فرحت الله بابر چيو آهي ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ پارٽين مان اڪثر پارٽين فوجي عدالتن جي مخالف ڪئي ۽ آصف زرداري فاروق ايڇ نائڪ کي آئيني مسودو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل ميزباني هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل  ڪانفرنس ۾ مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، آفتاب شير پائو، شيخ رشيد احمد، خورشيد شاهه، اعتزاز احسن، چوڌري شجاعت حسين، غلام احمد بلور، شجاعت علي بخاري، ميان افتخار ۽ زاهد خان  سميت 13 پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس ۾ نواز ليگ کي ته شرڪت جي دعوت ئي نه ڏني وئي، باقي پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي قيادت کي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان جواب ڏئي ڇڏيو  هو.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو  ته ڪانفرنس گهرائڻ جو مقصد گڏيل موقف کڻي پارليامينٽ وڃڻ آهي، چوڌري شجاعت حسين چيو ته هو ۽ سندس پارٽي فوجي عدالتن جي حق ۾ آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان فاٽا سڌارن کي رد ڪندي چيو  ته فاٽا جي عوام جي مرضي کانسواءِ جيڪي به فيصلا فاٽا جي عوام تي مڙهيا ويندا، انهن جو ڪو فائدو نه ٿيندو.

گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حمايت بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته پ پ پاران ان حوالي سان مشاورت لاءِ فاروق ايڇ نائڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

ڪانفرنس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  پ پ چيئرمين بلال ڀٽو زرداري چيو  ته فوجي عدالتن جي حمايت جو فيصلو قانوني مشاورت بعد ڪيو ويندو.

هن چيو ته فوجي عدالتن جي ضرورت ٿي ته وڪيلن سان مشاورت بعد پنهنجو ڊرافٽ تيار ڪنداسين .

بلاول ڀٽو زردراي  فاٽا کي جلد کان جلد ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي.

 فرحت الله بابر چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ 13 پارٽين مان اڪثر پارٽين فوجي عدالتن جي مخالف ڪئي ۽ آصف زرداري فاروق ايڇ نائڪ کي آئيني مسودو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن چيو ته پ پ فوجي عدالتن  خلاف آهي ۽ جيڪڏهن سياسي پارٽيون فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ چاهن ٿيون ته حڪومت کي ترميمون پيش ڪنداسين .

فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن  فوجي عدالتن بابت ضروري سمجهيو ته پنهنجو ڊرافٽ تيار ڪنداسين.

ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ فاٽا ميمبرن فوجي عدالتن جي حمايت ڪندي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪيو وڃي ۽ سڌارن جي مخالف اهو مولانا ڪري رهيو آهي جنهن جو فاٽا سان ڪوبه واسطو ئي نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*