آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير مهدي هنر دوست ملاقات ڪري

army cheif kamar bajwa

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير مهدي هنر دوست ملاقات ڪري خطي جي سلامتي سميت گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، آرمي چيف چيو آهي ته پاڪ فوج ايران سان تاريخي ۽ ڀائپِيءَ وارن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير مهدي هنر دوست جي ايڇ ڪيو راولپنڊي پهچي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران علائقائي سڪيورٽي ۽ گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي، جڏهن ته ايراني سفير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار کي سارايو.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايراني سفير مهدي هنر دوست دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ردالفساد جي به واکاڻ ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ايران سان تاريخي ۽ ڀائپيءَ وارن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*