وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪري پي ايس ايل جَي فائنل لاءِ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو

chodhry nisar and shabaz shareef

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪري پي ايس ايل جَي فائنل لاءِ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو، چوڌري نثار چيو آهي ته ميگا ايونٽ جي سڪيورٽي انتظامن تي سياست چمڪائي پئي وڃي، 60 هزار اهلڪارن جي مقرري وارو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار لاهور ۾ وزيراعليٰ هائوس پهچي پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پي ايس ايل جي فائنل لاءِ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پي ايس ايل فائنل لاءِ سڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پنجاب جي وڏي وزير ميچ جي سڪيورٽي لاءِ دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم نواز شريف ۽ وفاقي سرڪار جا ٿورا پڻ مڃيا.

ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ميگا ايونٽ جي سڪيورٽي انتظامن تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 60 هزار اهلڪارن جي مقرري وارو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*